اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي جي هدايت تي ٿر، سنڌ ۾ هند?? شهري کي ??راسان ڪرڻ جي واقعي جي ذميوار شخص عبدالسلام ابو دائود کي سنڌ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ٿر ۾ هند?? شهري کي ??راسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي ??انوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته اه??ا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اقليتن سان زيادتي اسلام جي روح جي منافي، آئين پاڪستان جي سنگين خلاف ورزي آهي، هن چيو ته آئين پاڪستان اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست انهن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته اه??ن واقعن جي روڪٿام معاشري جي سمورن ماڻهن جي گڏيل ذميداري آهي.