اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت ترين واضح اعلان ڪيو آهي ته جيڪو امير ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندو اهو جيل ويندو، 2023ع تائين اوڳاڙيون 7000 ارب رپين تائين کڻي وينداسين، وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف آڏو ڄمي ويو آهي، هو غريبن تي بار نه وجهندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪندو جڏه?? ته قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي ناڻي واري ??زارت تي ڪٽوتي جون رٿون رد ڪندي 15 ناڻي جي مطالبن جي منظلري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري ??زارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري ??زير شوڪت ترين چيو ته م??ڪ ۾ بجيٽ سازي جو جيڪو سسٽم هلي رهيو آهي اهو ٽي سال پراڻو نه آهي پر 74 سالن کان اهو ئي نظام آهي، مخالف ڌر پنهنجي 30 سالن ۾ ان نظام کي به ڏسي وٺي، اها ٽيڪسيشن جو نظام به ڏسي وٺي، اسان به ان نظام بابت چئون ٿا ته اهو ٺيڪ نه آهي جڏه?? ته اسان ان کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون. اسان سڌارن جي ڳالهه ڪئي، عوام کي ڇت ڏيڻ، شهري علائقن جي رهواسين کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ ۽ آبادگارن جي لاءِ زرعي قرضن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هتي چيو ويو ته م??جوده حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، ڇا انهن جي دور ۾ اهي ماڻهو آءِ ايم ايف وٽ نه ويا. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار سن??ال??و ته ان وقت 156 ارب ڊالر جو واپاري خسارو هو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام جي ڪري اڳوڻي ناڻي واري ??زير مفتاح اسماعيل 60 ارب ڊالر جو ٽيڪو هنيو. پيپلزپارٽي جي دور ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 25 ارب ڊالر هو جيڪو 17 – 2016ع ۾ واپس 21 ارب ڊالر تي اچي ويو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر رهيو ان جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. هن چيو ته م??ڪ کي اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وٺي وئي. واڌويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري ??يڪسيشن وڌائڻ آس??ن ناهي هوندو، سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ڪري ??اڌويجهه جي شرح هيٺ ٿي، ڀارت سوا 11 سيڪڙو منفي تي ويو جڏه?? ته مشڪلاتن جي باوجود هن ڀيري ??اڪستان جي واڌويجهه جي شرح 4 سيڪڙو رهي جيڪا ايندڙ سال 5 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين. ٽيڪسيشن 4700 ارب رپين جو هدف هن سال پورو ڪنداسين ۽ ايندڙ سال 58 سئو ارب رپين تي کڻي وينداسين.