اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سيڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و آهي. وزيرا??ظم عمران خان سان پنجاب جي صنعت واري وزير ميان اسلم اقبال ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم کي پنجاب ۾ خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم اقتصادي ترقي جي لاءِ سيڙپڪار?? کي راغب ڪرڻ جي لاءِ فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ ??ي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم سيڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. وزيرا??ظم ميانوالي ۾ صنعتي اسٽيٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ فزيبلٽي جي پڻ هدايت ڪئي ??ه جيئن سيمنٽ، شيشي ۽ اسٽيل جي صنعتن جي لاءِ ان جي وڌيڪ قدرتي وسيل?? کي استعمال ڪري سگهجي. اهو مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪري پوري علائقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.