اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت ۾ عورتن جي شموليت يقيني ب??ائڻ سان مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو ٿيندو، دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي بااختيار بڻايو، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ اسٽيٽ بئ??ڪ آف پاڪستان پاران مالي شموليت (فنانشنل انڪليوزن) ۾ عورتن جي شر??ت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي بئ??ڪنگ پاليسي“ جي رونمائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ صدر جي گهرواريءَ ثمينه علوي، اسٽيٽ بئ??ڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، وفاقي وزير، اسٽيٽ بئ??ڪ جي ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر سيمه ڪامل، مختلف بئ??ڪن جا سربراهه ۽ سي اي اوز، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ بئ??ڪن ۽ مالي ادارن جي عهديدارن شر??ت ڪئي. صدر چيو ته عورتن کي مالي طور تي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ انهن کي بااختيار نٿو بڻائي سگهجي. دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي بااختيار بڻايو ۽ سوره نساءَ ۾ عورتن جي وراثت ۽ حقن جو تعين ڪيو ويو، انگلينڊ ۾ 20 هين صدي تائين عورتن کي وراثتي ۽ مالي حق نه مليا هئا، صدر چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ ترجيحن جو نئين سري سان تعين ٿي رهيو آهي، جيئن جيئن عورتون بااختيار ٿينديون انهن جو استحصال نه ٿي سگهندو، صدر چيو ته جديد دور جي گهرجن موجب اسان کي پنهنجي معاشري کي سمجهندي ان موجب قدم کڻڻا پوندا. صدر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئ??ڪ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اسٽيٽ بئ??ڪ ان حوالي سان مختلف قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه خوشي واري آهي ته عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان تازن ڏينهن ۾ ڪيترائي اهم قدم کنيا ويا آهن، صدر بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ تازي فيصلي جي تعريف ڪئي، جنهن ۾ عدالت قرار ڏنو آهي ته جيستائين ڪنهن عورت جي نالي وراثت منتقل نه ٿيندي ان وقت تائين اها جائيداد ڪنهن کي بخشي ۽ تحفي ۾ نٿي ڏئي سگهجي، صدر چيو ته عورتون حقيقي معنيٰ ۾ ان وقت بااختيار هونديون جڏهن پنهنجي مسئلن تي انهن کي اختيار هجي، اسٽيٽ بئ??ڪ ۽ ٻيون بئ??ڪون 2023ع تائين عورتن جي بئ??ڪ اڪائونٽس جي تعداد ۾ اضافي جو جيڪو هدف مقرر ڪيو آهي اهو خوش آئنده آهي، صدر تجويز پيش ڪئي ته جيڪڏهن احساس ڪيش پروگرام جي رقم عورتن جي رقم ۾ سڌو سنئون منتقل ڪئي وڃي ته ان سان عورتن جي بئ??ڪ اڪائونٽس هدف کان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت ۾ عورتن جي شر??ت ۾ اضافو ٻه اهڙا وڏا عمل آهن جيڪي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته مالي شموليت جي عمل سان جيئن جيئن عورتون بااختيار ٿينديون معاشري ۾ بهتري ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيٽ بئ??ڪ ۽ ٻيون بئ??ڪون عورتن لاءِ ننڍا قرض فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ انهن قرضن سان عورتن جو گهربل تعداد فائدو نٿو وٺي سگهي، ان حوالي سان عورتن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي. عورتن جي غير سرڪاري تنظيمن ۽ عورت پارليامينٽرين کي ان سلسلي ۾ پنهنجو فعال ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان سڀ گڏجي هڪ خوبصورت معاشرو جوڙي سگهون ٿا. بعد ۾ اسٽيٽ بئ??ڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر مالي شموليت (فنانشل انڪليوزن) ۾ عورتن جي شر??ت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي بئ??ڪن پاليسي“ جا اهم نقطا واضح ڪيا ۽ چيو ته اسٽيٽ بئ??ڪ پوئتي پيل ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ مالي خدمتن جي فراهمي سان گڏوگڏ ??ورتن جي مالي شموليت ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.