اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ وسيع ٿيڻ (موثر هجڻ جو) گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. اهي ڳالهيون هن پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي وڻڪاري مهم جي تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيون. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ارجنٽائن جي سفير ليپولڊو فرانسسڪو ساهورس ارجنٽائن پارڪ ۾ منعقد تقريب ۾ يادگاري ٻوٽا لڳايا. تقريب کي خطاب ڪ??دي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط هجڻ جو گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اداره جاتي ميڪنزم جو ڪردار انتهائي اهم آه. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ گڏيل ڪميشن موجود آهي، 20 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ اسان جي آخري گڏجاڻي دوران اسان زراعت، دواسازي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن تي گڏيل ورڪنگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن مستقبل ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ گڏيل ڪار??با??ي ڪائونسل به بزنس ٽو بزنس انٽريڪشن وڌائڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت باقاعدگي س??ن ٿي??دي آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان، ارجنٽائن فرينڊشپ گرپس جي موجودگي ٻطرفي پارليااني لاڳاپن جي استحڪام جي علامت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم عمران خان جي ”ٽين ملين سونامي ٽري“ منصوبي کي س??راهيو. موسمياتي تبديلين جي ڪري خطرو ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستان وس??ع آبي وسيلا رکندڙ ملڪ مان، آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. انهن حالتن ۾ وڻڪاري جو فروغ ئي اهم حڪمت عملي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته 4 ڊسمبر تي اسان لاهور ۾ پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ”پولو ميچ“ جو انعقاد ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ارجنٽائن جي سفير به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ گذريل ست ڏهاڪن ۾ وڌندڙ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪ??دي کين وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.