اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ڪورونا جي بندشن جي ڪري عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي قيم??ن ۾ غيرمعمولي اضافي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ان چئلينج کي سراسري طور بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي. وزيراعظم عم??ان خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيم??ن ۾ غيرمعمولي اضافي سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڪورونا لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ بري طرح متاثر ٿيا آهن پر پاڪستان ماشاءَ الله سراسري طور تي بهتر رهيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري صلاحڪار جي ترجمان مزمل اسلم جو هڪ وڊيو ڪلب به شيئر ڪيو جن??ن ۾ پاڪستان جي معيشت بابت ڪجهه غلط تصورن کي رد ڪيو ويو. مزمل اسلم فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته هن سال سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين کاڌي پيتي جي شين جي قيم??ن ۾ 1.9 سيڪڙو، ورلڊ سيريل انڊيڪس ۾ 3.2 سيڪڙو، کاڄرو تيل جي قيم??ن ۾ 9.6 سيڪڙو ۽ ڊيري مصنوعات جي قيم??ن ۾ 2.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مزمل اسلم چيو ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي رجحان جي باوجود آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي روان??ي واپار ۾ 17 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هن سال اهو 30 بلين ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن سال ٽيڪسٽائيل جو روان??ي واپار 22 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي.