اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نئين بيلسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو اسان جي دفاعي طاقت ۾ اهم ا??افو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جو ميزائيل پروگرام دنيا جي ڪجهه بهت??ين ميزائيل پروگرامن مان آهي، زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ نئين بليسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو اسان جي دفاعي طاقت ۾ اهم ا??افو آهي، انشاءُ الله اسان جي دفاعي قوت ان شاندار اضافي سان وڌيڪ موثر ٿيندي.