اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان برطانوي واپاري بورڊ جي ميمبر لارڊ ڊينيئل حن??ن ملاقات ڪئي، پنجاب جو گورنر محمد سرور پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لارڊ حن??ن وزيراعظم عمران خان پاران ماحولياتي تحفظ جي لاءِ شروع ڪيل قدمن، سرسبز پاڪستان جي لاءِ سندس ويزن، خاص طور تي 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي، ني??نل پارڪس ۽ جهنگ??ي جيوت جي تحفظ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي پوري دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، لارڊ ڊينيئل پنجاب جي گورنر محمد سرور جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي آهي.