لاهور – 03 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته معاشي ترقي جي ??اءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا ضروري آهن، ترقي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽيڪس ڏ??ندو آ??ي، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جمع ٿيندو آ??ي، آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽيڪس چوري ڪئي، ٽيڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقلي ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي حوالي سان آواز بلند ڪيو، نظام جي تبديلي لاءِ احتساب ضروري آهي، اسلامي تاريخ ۾ خلفاءِ راشدين احتساب جي ??اءِ پاڻ کي پيش ڪيو، ٽيڪس ڏ??ندڙن کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٽيڪس نظام جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي ترقي جي ??اءِ ٽيڪس ڏ??ڻ ضروري آهي، ٽيڪس چوري سان ملڪي معيشت متاثر ٿيندي آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تمام گهٽ شهري ٽيڪس ادا ڪندا آهن، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جمع ٿيندو آ??ي، هن چيو ته ماضي ۾ آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽيڪس چوري ڪئي ۽ ٽيڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقل ڪئي وئي جنهن سان ملڪ قرضن هيٺ دٻجي ??يو، ملڪ ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته هر شهري کي ذميداري جو احساس ڪندي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو آ??ي ڇو ته ترقي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽيڪس ڏ??ندو آ??ي، صدر چيو ته ٽيڪس جي رقم ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي ??اءِ خرچ ٿيڻ گهرجي ۽ ٽيڪس ڏ??ندڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته سرڪاري ڪم ۾ دير سان رشوت کي فروغ حاصل ٿيندو آ??ي جنهن سان ڪرپشن وڌي ويندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ روزاني جي بنياد ۽ ميرٽ تي فائل ورڪ اڪلايو ويندو آ??ي، صدر چيو ته حڪومت جڏهن به ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته سڀ کان پهرين واپاري برادري پاران خدشن جو اظهار ڪيو ويندو آ??ي جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي، قوم جي حيثيت سان ملڪي ترقي جي ??اءِ خوشي سان اسان کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻ گهرجي، ٽيڪس وڌيڪ وٺڻ تي بحث ته ڪري سگهجي ??ي، پر ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ جي ??اءِ ڪو به بحث نٿو ٿئي، صدر چيو ته ٽيڪس کي حاصل ڪرڻ به ملڪ جي ??عاشي ترقي لاءِ ريڙهه جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿو، عوام کان ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ اعتماد جي ??ضا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي محتسب ۽ ايف بي آر گڏجي عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ ڪرپشن روڪڻ جي ??اءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڪم جي ??اءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته ادارن ۾ هروڀرو جي رڪاوٽن جي ڪري ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪندا آهن اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن سان ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿي وياسين ته اسان کي هروڀرو پريشان ڪيو ويندو ان خوف کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جي ??اءِ اداره جاتي سڌارا به آڻڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته ترقي ياته ملڪن ۾ قرضن کي حاصل ڪرڻ، ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ ۽ ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ ماڻهن کي آفيسن جا چڪر لڳائڻا نٿا پون جنهن جي ڪري اهي خوشي سان ٽيڪس جي ادائيگي ڪندا آهن، اسان کي به ان مادل کي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ عوام کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻو پوندو ته انهن جو ٽيڪس ملڪي ترقي لاءِ خرچ ٿيندو. صدر عارف علوي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کان ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي رقم ترقي يافته ملڪن ڏانهن منتقلي ڪئي وئي جنهن سان انهن ملڪن جي ??عيشت ته مستحڪم ٿي وئي پر اسرندڙ ملڪن قرضن هيٺان دٻجي ??يا، عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي خلاف مختلف عالمي فورمن تي آواز بند ڪيو.