اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائ??، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي سامهون رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا. هن اها ڳالهه آبي س??ارتڪاري جي حوالي سان ماهرن جي ورڪنگ گروپ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه، پاڻي معاملن جي ماهرن شرمين طارق، توانائي، پاڻي ۽ پائيداري پروگرام جي ريسرچ اينالسٽ فروا عامر ۽ پرڏيهي وزارت جي س??نئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ورڪنگ گروپ جو اجلاس آبي س??ارتڪاري بابت چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر لائحه عمل جوڙڻ جي حوالي سان غور ويچ??ر لاءِ منعقد ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو شم??ر انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن، زرعي ملڪ هجڻ جي ناطي اسان جي زرعي معيشت لاءِ پاڻي وسيلن جي دستيابي انتهائي اهميت واري آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائ??، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا.