اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ (يونيسيف) جي نئين مقرر ٿيندڙ اي??زيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ يوني??يف جي پروگرام ۽ افغانستان ۾ انساني همدردي بابت قدمن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم حڪومت ۽ يوني??يف جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي اهم قدمن ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ حڪومت جي ترجيحي قدمن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلائن ۾ اضافي، حفاظتي ٽيڪن جي پروگرامن ۾ وسعت، ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري تعليمي نظام جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جهڙا قدم شامل آهن. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بابت پڻ ٻڌايو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي امدادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان پاران قائم ڪيل ”انساني همدردي جي لنگهه“ جو حوالو ڏنو. يوني??يف جي اي??زيڪيوٽو ڊائريڪٽر پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ پاڪستان حڪومت جي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ يوني??يف جي عزم کي ورجايو. هن افغانستان ۾ يوني??يف جي ڪم ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. يوني??يف پاڪستان جو هڪ اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ حڪومت سان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن بابت مسئلن جي ??ل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.