اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ ??لي??ه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو ا??ها?? ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارات جي نئين چونڊيل صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، النهيان خاندان، يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان شيخ ??لي??ه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو ا??ها?? ڪيو. پرڏيهي وزير شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن سان پڻ تعزيت جو ا??ها?? ڪيو ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپنکي مضبوط بڻائڻ ۾ شيخ ??لي??ه جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي ان افسوس جو ا??ها?? ڪيو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. شيخ ??لي??ه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم ۽ ملڪ جي لاءِ س??دس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شيخ محمد بن زايد النهيان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي نئين صدر طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو پڻ ا??ها?? ڪيو.