اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي رکن ٿا، ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسع البنياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مذهب، گڏيل قدرن ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. صدر چيو ته سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي ا??مي?? ڏي ٿو جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ملڪ ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، هن ٻنهي ڀائر م??ڪن جي گڏيل مفاد لاءِ سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسيع النبياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻنهي م??ڪن جي واپارين ۽ چيمبرز آف ڪامرس کي گڏيل واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ باقاعدگي سان ڳالهيون ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻنهي ڀائر م??ڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي صدر خا??م حرمين شريفين لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس بهتر صحت ۽ وڏي عمر لاءِ دعاڳو آهي.