اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پاڪ برطانيا ڪرڪيٽ سيريز ۾ پاڪستان جي کٽڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 17 سالن کانپوءِ برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. برٽش هاءِ ڪ??يشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطا?? ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو ته برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان اچي رهي آهي ۽ آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. پاڪ برطانيا لاڳاپن جي استحڪام ۾ برطانوي هاءِ ڪ??شنر جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هن پاڪستان ۽ برطانيا جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جا تاريخي لاڳاپا آهن، انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن دوستاڻن لاڳاپن کي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ تعاون ڪنداسين.