اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع مهذب د??يا جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت عالمي قانونن، اخلاقيات کي پيرن هيٺان لتاڙيو هو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ??نه??جي پيغام ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سڀئي بنيادي انساني حق معطل ۽ ڪشميرين جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي حقن تي بدترين پابندي لڳل آهي. مهرين رزاق ڀٽو چيو ته ڀارتي فورسز ڪشميري عورتن سان جنسي زيادتين ک?? هٿي??ر طور استعمال ڪري رهي آهي. ڪشميري عالمي دنيا، انساني حقن جي عالمي ادارن جي ڌيان جا منتظر آهن. ڪشمير جو مسئ??و هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي جي مستقل امن جو ضامن آهي، گڏيل قومون ڪشمير مسئلي بابت ??نه??جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائين.