فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) آچر 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان فيصل آباد ڊويزن جي سڀني وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ جڳهه جڳهه تي قومي جھنڊا، جھنڊيُون، اسٽيڪر، بيجز، ٽوپيون، ٽي شرٽس ۽ اهڙي طرح جو ٻيو سامان اسٽالن تي اچڻ شروع ٿي ويو آهي. جتي وڏي تعداد ۾ آزادي جي ڏهاڙي بابت انتهائي خوبصورت، دلڪش ۽ سجاوٽ جو سامان وڪري جي لاءِ رکيو ويو آهي. جنهن ۾ ٻار، پوڙها ۽ جوان ??رپور دلچسپي وٺي رهيا آهن. ٻئي طرف سڀني اهم سياسي پارٽين به آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون پ??وقار طريقي سان ملهائڻ جو علان ??يو آهي. سياسي پارٽين جي اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي فضول خرچي کان پ??سو ڪيو وڃي ۽ پنهنجي رقم غريبن کي عطيو ڪري بي سهارن، يتيمن، مسڪينن، بيواهن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. ته جيئ?? هو به آزادي جي ڏهاڙي جي خوشين ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن.