اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌا??ڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ندي چيو آهي ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فراريز وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اٽلي کي پ??ڪستان جو ويجهو دوست ۽ قابل اعتماد حصيداري قرار ڏ??و. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جا وڌندڙ لا??اپا ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت هڪ جهڙائي جي نشاندهي ڪن ٿا، يورپي يونين جي ترجيح واپاري اسڪيم جي ايس پي پلس جي ڏس ۾ اٽلي جي حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لا??اپن کي وڌا??ڻ جي لاءِ موجوده صلاحيت کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو ??نهن ۾ اٽلي نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري سان خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان جاري پ??ڪستان جي تمام گهڻي تعاون تي پڻ روشني وڌي. اٽلي جي سفير وزيراعظم پاران استقبال تي سندس ٿورا مڃيندي پ??ڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ موجوده لا??اپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٺوس بڻا??ڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.