اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون ک?? فروغ ڏيڻ ۾ گ??ري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه سان تعلق رکندڙ ڪمپني ليماڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون ک?? فروغ ڏيڻ ۾ گ??ري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي تازي دوري دوران سندس ترڪيه ج?? و??پارين سان ملاقاتون تمام گهڻيون ڪامياب رهيون ۽ اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ترڪيه جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو ئي پريفيرينشل ٽريڊ ايگريمينٽ تي صحيحون ٿيون آهن جنهن سان گڊز، سروسز ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان نيون راهون ک??يون آهن، ان معاهدي کانپوءِ پاڪستان ترڪيه گڏيل واپار جو ڪاٿو وڌي ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ اسان جي حڪومت سمورن پراجيڪٽس جي وقت سر پڄاڻي تي يقيني رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ليماڪ جي وفد پاڪستان ۾ پن بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاق?? و??ير چوڌري سالڪ حسين، انجنيئر خرم دستگير خان، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ۽ اعليٰ سر??اري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.