اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب ٻوڏ متاثرين جي امدادي شين تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ بابت ڪابينا جي فيصلي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل بيان ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته ??زيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪابينا 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪس ڇوٽ جي منظوري ڏني هئي، ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ مهارين، ٻيڙين سميت سمورين امدادي شين کي ٽيڪس کان ڇوٽ حاصل آهي. هن چيو ته ڪابينا جي 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪسن کان ڇوٽ جي منظوري تي فور?? عمل ٿيو هو، ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر عملدرآمد جو ايس آر او پڻ جاري ڪري ڇڏيو هو. ضابطي تحت فلاحي ۽ سرندي وارن ڪم ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو.