اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد توانائي ئي پاڪستان جو مستقبل آهي، متبادل توانائي جو استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ??ي جنهن سان عوام تي مهانگائي جو بار به گهٽ پوندو. وزيرا??ظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني زونرجي جي ??فد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد جي ??يادت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ زونرجي ڪارپوريشن جي صدر رچرڊ جي گائو ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جي درآمدي جو وڏو حصو بجلي پيدا ڪرڻ جي ??اءِ مهانگو ٻارڻ درامد ڪرڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو، ان پرڏيهي ناڻي کي بچائڻ جي ??اءِ ضروري آهي ته اسان قابل تجديد توانائي جي استعمال طرف وڌون. وزيرا??ظم چيو ته شمسي توانائي منصوبن جي حوالي سان اربع ڏينهن هڪ پري بڊنگ ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ چين بهترين دوست آهن، چين هر داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو ??ين جي ??سيع تر منصوبي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو حصو آهي، جي ذريعي چين پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، صنعت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان قائدا??ظم سولر پاور بهاولپور جو 300 ميگاواٽ جو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ پورو ڪيو هو ۽ اسان جي اڳتي به اها ئي ڪوشش رهندي ته اسان قابل تجديد توانائي خاص طور تي سولر، ونڊ انرجي جي حوالي سان سيڙپڪاري کي فروغ ڏيون. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ، وزير??عظ?? جي خاص مددگار ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ فهد حسين شرڪت ڪئي. زونرجي ڪارپوريشن پاران وزيرا??ظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي ??اءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ عطيو ڪيو ويو.