اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته قومي سلامتي س??ن کيڏندڙ ??ار?? ايجنٽ اسلام آباد ڪرڻ ڇا اچي رهيو آهي؟ عمران خان قومي مفادن سان اها ڪڌي ۽ سنگين راند ڪيستائين کيڏندو رهندو؟ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ بدران لانگ مارچ جي تياري، معيشٽ تباهه، 20 هزار ارب جو تاريخي قرض وٺندڙ ??ار?? ايجنٽ ڪوڙو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عمران خان جي لانگ مارچ جي حوالي س??ن پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته پاڪستان جي معيشت کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي س??زش ڪندڙ ??ار?? ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته ??ار?? ايجنٽ 95 لک ماڻهن کي بيروزگا?? ڪيو، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي جهنم ۾ ڌڪيو، هاڻي هو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته پارليامينٽ کي ٽوڙيندڙ آئين شڪن اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عدليه ۽ ججن کي ڌمڪائڻ، ادارن تي الزام هڻڻ ۽ سياست ۾ ڌڪيندڙ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته ڪشمير فروش ??ار?? ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ توشه خانه ج?? چور، فرح گوگي، پيرني جي ڪرپشن جو شريڪ ڏوهاري اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان اڳ ?? انهن سوالن جا جواب ڏي ۽ پوءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪري.