اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ ??ٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ ??نرل اختر نواز نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل ??لڊ رسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران فورم کي ٻوڏ متا??ر زرعي ايراضي بابت آگاهه ڪيو ويو. صوبائي سيڪريٽريز زراعت پنهنجي صوبن بابت پلان پيش ڪيو جنهن تي فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت اسپانسر ڪندي جڏهن ته باقي صوبن طرفان فراهم ڪيا ويندا. سڀني ضلعن جي ٻج تقسيم ڪندڙ ڪميٽي ضلعي انتظاميا، وفاق ۽ اين ڊي ايم اي جي عملدارن تي ٻڌل هون??ي. ??ورم کي سيڪريٽري خوراڪ ٻج جي خريداري ۽ ان جي تقسيم بابت آگاهه ڪيو. فورم کي ماڊل وليجز بابت ٻڌايو ويو جتي گهرن سان گڏ مسجد، بنيادي صحت جي يونٽ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ٿين??ي. ??ورم کي ماڊل هائوسز جي رهائشي يونٽ ??ي لي آئوٽ آپشنز ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ جاءِ تي به اتفاق ڪيو ويو.