اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائدايوان راجا محمد ظفر الحق چي?? آهي ته اڄ وقت ثابت ڪري ڇڏي?? آهي ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان کي ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ ڌڪڻ تمام غلط فيصلو هو ان جا اثر اڃا تائين ڀوڳي رهيا آهيون، ان فيصلي جي خلاف قوم ٻن حصن ۾ ورهائ??ي وئي هئي، اڪثريت ان کي غلط قرار ڏنو، اولهه اسرائيل جو اثر رسوخ وڌائي رهي?? آهي ان جو ٽوڙ تمام گهڻو لازمي آهي، پيغام پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ گهٽي، چوڪن، مسجدن ۾ کڻي وڃڻو پوندو. هو ايوان صدر ۾ تشدد، انتهاپسندي، دهشتگردي جي خلاف متفقه قومي بياني ”پيغام پاڪستان“ جي مه??رتي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، تقريب جي صدارت صدر ممنون حسين ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ اعزازي مه??ان پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف ۽ خاص مه??ان گهرو وزير احسن اقبال هو.