اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ عوام سان ظلم آهي، ملاوٽ جي نتيجي ۾ سنگين مرضن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، ملاوٽ جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي ا??تعمال ۾ آندو وڃي، ملاوٽ ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آ??ن، اهڙن عنصرن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کنيو وڃي، وڏن شهرن ۾ ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين (اٽو، گيهه، کنڊ، دالين، ڀاڄي وغيره) جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حو??لي سان اعليٰ سطحي ا??لاس جي صدارت ڪندي ڪيو