اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام کي گڏجي ڪرونا جو مقابلو ڪرڻو آهي، قومون مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو بهادري س??ن مقابلو ڪرڻ سان ئي وڏي قوم بڻجن ٿيون، پاڪستاني قوم مڙهيل جنگين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جو بهادري ۽ يڪجهتي س??ن مقابلو ڪيو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته پاڪستاني قوم ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان يڪجهتي سان ڪرونا جي وبا جو مقابلو ڪندي ۽ ان کي شڪست ڏيندي، پاڪستاني بهادر قوم آهي ۽ هي قوم تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. سماجي را??طن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي عوام سان سڌوسنئون را??طي دوران شهرين جي سوالن جا جواب ڏيندي صدر چيو ته ڪرونا وائرس س??ن متاثر ملڪن کان جيڪي تجربا سکيا وي?? آهن، انهن موجب ميل ميلاپ ۽ غيرضروري چرپر کي محدود ڪيو و??ي ته ان وبا کي موثر طريقي س??ن منهن ڏئي سگهجي ٿو.