ڪراچي – 21 اپريل (اي پي پي) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارليماني اڳواڻ ??ليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ 20 اپريل تائين 15 لک 73 هزار 149 ماڻهن کي 18 ارب 87 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن، سنڌ حڪومت 18 سئو جو راشن به سنڌ جي ڪنهن خاندان کي نا??ي ڏنو، وزيراعظم ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي نا??ي وساريو، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور متاثر ٿيا آهن، اسان بنا ڪنهن فرق جي سڀني کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام ۾ رجسٽرڊ غريب عورتن کي امداد ??ني آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي وساريو نه آهي، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا وائرس جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙيدار مزدور متاثر ٿيا آهن، سنڌ حڪومت رڳو اعلان ڪيو ته راش?? ڏيئي رهيا آهيون، جيڪو اڃا تائين نا??ي مليو.