اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر کان ڪويت جو دورو ڪندو ۽ ڪويت جي مرحوم امير شيخ صب??ح الاحمد الجابر الصباح جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب دوري دوران صدر ڪويت جي نئين امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪندو ۽ پا??ست??ن جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ دلي همدردي جو پيغام پهچائيندو. ترجمان چيو ته پا??ست??ن ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪويت جي مرحوم امير جي قيادت ۾ ٻطرفن ويجهن لاڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون نئين بلندي تي پهتو. ڪويت جي مرحوم امير شيخ صب??ح الاحمد الجابر الصباح پا??ست??ن جو هڪ مخلص ۽ آزمايل دوست هو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻطرفي تعاون جي ڏس ۾ سندس ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سندس خدمتن کي دير تائين رکيو ويندو.