اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا اتفاق ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اظهار راءِ جي آزادي ??ي آڙ ۾ مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ کي قبول نٿو ڪري سگهجي جڏهن ته بوسنيا، هرزيگووينا پريذيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ ??يو آهي ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو معاملو اهم آهي، ڪشمير مسئلو ڪشميري ع??ام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ۽ بوسنيا، هرزيگووينا جي پريذيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ ??ڏيل پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ڪيو.