اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعل??م واري وزارت، منشيات جي خاتمي واري فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زورڏيندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن تعليمي ادارن ۾ خصوصي شاگردن جي ڀلائي ۽ سهولت لاءِ قدم کڻي، خصوصي شاگردن کي ٽيوشن فيس ۾ ڇوٽ، تعليمي ادارن ۾ آمدرفت جي خصوصي سهولت ۽ عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي واري ڪميٽي جي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ تعل??م وارو وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي خاتمي وارو وزير محمد اعظم خان سواتي، انساني حقن واري وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ايڇ اي سي جو چيئرمين ۽ مختلف وزار??ن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.