اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت مولانا فضل الرحمان جي 1993ع کان وٺي 2018ع تائين مختلف دورن ۾ پنهنجي ڀاءُ، ناٺيءَ ۽ فرنٽ مي??ن ذريعي اربين رپيا ماليت جون بي نامي ملڪيتون ٺاهڻ، ڊيزل اسمگلنگ، فنڊز ۾ بي ضابطگين ۽ ڪرپشن بابت تفصيل جاري ڪندي گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور مولانا فضل الرحمان تي ملڪ ۾ فرقيواريت پکيڙڻ ۾ ملوث هُجڻ جو الزام هڻندي چيو آه?? ته مولانا جي ملڪيتن جي حوالي سان ثبوت موجُود آهن، ??ولانا فضل الرحمان ک?? چئلينج ڪريان ٿو ته اهو ڪوڙ آه?? ته اسان جي خلاف هتڪ عزت جو نوٽيس موڪلي، مولانا فضل الرحمان ٻڌائ?? ته سندس ٻاهرئين قوتن سان ڇو رابطو آهي، انڊين نيشنل سيڪيورٽي ايدوائيزر سان ڪهڙ حوالي سان گڏجاڻي ٿي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.