اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر سفار??ڪا?? کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 19 ڊسمبر تي قابض ڀارتي ف??جن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر ۾ جنگبندي جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي ف??ج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخت زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ترجمان موجب سينيئر ڀارتي سفار??ڪا?? کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ت?? قابض ڀارتي ف??ج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ??ڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. ڀارتي سفار??ڪا?? کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عالمي انساني حقن ۽ بين الاقوامي انساني قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.