پشاور – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سوات ايڪسپريس وي تي ٽن سرنگهن جي تعمير جي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وز??ر محمود خان ۽ مواصلات وارو وفاقي وز??ر مراد سعيد به موجود هئا. وزيراعظم مڪمل ٿيل سرنگهن جو معائن?? به ڪيو. زلام ڪوٽ، مالاڪنڊ آمد تي خيبرپختونخوا جي وڏي وز??ر محمود خان ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ڪمال اظفر وزيراعظم جو استقبال ڪيو، فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 80 ڪلوميٽر ڊگهي سوات ايڪسپريس وي تي 7 انٽرچينج قائم آهن، ايڪسپريس وي تي ٽي سرنگهون ڪڍيون ويون آهن جنهن جي ڊيگهه 1266، 271 ۽ 324 ميٽر آهي