اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪ??ڻ جي سلسلي ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ ۽ ان لعنت کي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي شاگردن جي ضرورتن جي پيش نظر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ڪ??ڻ جي لاءِ يونيورسٽي انفراسٽرڪچر کي معذور دوست بڻايو وڃي. هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سموريون يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي روڪٿام واري سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) اڪبر حسين دراني، ان??اني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري ان??ام الله خان، اين اي ايف جي عملدارن ۽ 165 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن به شرڪت ڪئي. يونيورسٽين ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪ??ڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي جو اهو ٻيو اجلاس هو، اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ان??نيئرنگ ڪائونسل خصوصي شاگردن کي ان??نيئرنگ پروگرام ۾ داخلا جي اجازت ناهي ڏني، هن چيو ته ان معاملي ۾ پروفيشنل ڪائونسلز خاص طور پاڪستان ان??نيئرنگ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز تي نظرثاني ڪ??ڻ جي ضرورت آهي، هن يونيورسٽين ۾ منشيات جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي استعمال جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي وائيس چانسلرز جي هڪ ڪميٽي جوڙجڪ ڏيڻ جي تجويز ڏني جيڪا منشيات جي استعمال جي خلاف مهم جي لاءِ آگاهي مواد تيار ڪندي. هن شاگردن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ والدين سان ويجها رابطا ??ائم ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.