اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته نوجوان ٽيلينٽ کي راندين طرف متوجهه ڪرڻ ۽ دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميگا اسپورٽس ايونٽس جو انعقاد ضروري آهي، ڪشمير پر??مي??ر ليگ جي ذريعي عالمي سطح تي ڪشمير جي خوبصورت منظرن ۽ ثقات جي فروغ لاءِ معياري پليٽ فارم ميسر ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير پر??مي??ر ليگ ( ڪي پي ايل) جي انتظاميه جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪشمير معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين ش??ري??ر آفريدي، ڪشمير پر??مي??ر ليگ جي صدر عارف ملڪ، چيف ايگزيڪ??ٽو آفيسر چوڌري شهزاد اختر، ڪشمير پر??مي??ر ليگ جي انتظاميه جا سينئر ميمبر، فرنچائز مالڪ ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. ليگ جي انتظاميه صدر کي ڪي پي ايل جي ارادن ۽ مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگ جي انعقاد سان پوري دنيا ۾ ڪشمير ڪاز اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشمير کي عالمي راندين ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي.