اسلا?? آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ پوليو تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ 22 هائي رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم ميڊ??ا آفيس مان جاري بيان موجب انهن ضلعن ۾ پنجاب جا 3 ضلعا (لا??ور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد)، سنڌ جا 8 ضلعا (ڪراچي ڊويزن جا سمورا ضلعا ۽ قمبر)، خيبرپختونخوا جا 5 ضلعا (خيبر، بنون، پشاور، لڪي مروت ۽ ڏکڻ وزيرستان)، بلوچستان جا پنج ضلعا (ڪوئيٽا، پشين، قلعه عبدالله، زوب ۽ مستونگ) ۽ اسلا?? آباد شامل آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻ??اي?? ويو ته الله جو شڪر آهي ته گذريل 6 مهينن ۾سڄي ملڪ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، وڌيڪ اها ڳالهه به قابل اطمينان آهي ته 2021ع ۾ صرف 14 سيڪڙو ماحولياتي نمونا مثبت ڏٺا ويا جي??ي گذريل سال 56 سيڪ??و هئا، ان لاءِ في الحال اسان وٽ ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جو هڪ نادر موقعو آهي. ايندڙ 6 کان 12 مهينا ان حوالي سان انتهائي اهم آهن، وزيراعظم سمورن هاءِ رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو ان موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ پاڪستان کي پوليو جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي وائرس کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏنو وڃي.