اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چي?? آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، پاڪستان ۽ چي?? جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏ??ند??سين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چ??ني سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو. پاڪستان ۾ چي?? جي سفير نونگ رونگ گهرو وزير جي رهائشگاهه تي ان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ چي?? ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزير چ??ني سفير ۽ ٻين تي سفارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي گهرو وزير چي?? ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. هن چي?? ته گهرو وزارت افغانستان مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چ??ني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چ??ني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائ??ند??سين. ان موقعي تي چ??ني سفير چي?? ته پاڪستان ۾ چ??ني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چ??ني شهرين ۽ ڪمپنين لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.