اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي سرڪاري ملڪيتون (قبضن جو خاتمو) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪ??ر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس جو مقصد سرڪاري ملڪيتن تي غيرقانوني قبضن جو خاتمو آهي، غيرقانوني قبضا ??ڏر??ئڻ جي لاءِ مجاز آفيسر وٽ حڪمنامو جاري ڪرڻ جو اختيار هوندو، مقرر وقت ۾ ملڪيت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرڊيننس موجب مقامي پوليس سرڪاري ملڪيتون ??ڏر??ئڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضروري مدد فراهم ڪندي، قبضن جي خات??ي ??ي خرچ ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض کان وصول ڪئي ويندي، غيرقانوني قبضو ڪندڙ ماڻهن کي قيد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. آرڊيننس موجب قبضن جي خاتمي لاءِ صدر پاڪستان چيف جسٽس جي مشاورت سان ??پي????ٽ ٽربيونل جوڙيندو، سرڪاري ملڪيتن تي قبضن جي خات??ي ??ابت معاملن جي لاءِ ??پي????ٽ ٽربيونل ئي مجاز ادارو هوندو. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ايڪٽ 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.