دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خط?? جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ اهڙي جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورن گروپ?? جي نمائندگي موجود هجي، افغانستا?? جي دوست جي حيثيت سان اسان پنجشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ان سلسلي ۾ پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پاڪستان ۽ تاجڪستا?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ تاجڪستا?? جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي تاجڪستا?? جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن تاجڪستان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي تاجڪستا?? جي صدر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ افغانستا?? جي صورتحال تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خطي لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته افغان عوام 40 سالن کان مشڪلاتن ج?? شڪار آهي، ان کي ام?? جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪ?? جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ثالثي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوششون ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪستان پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزيراعظم چيو ته افغانستا?? جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آهي، افغانستان ۾ پشتون 45 سيڪڙو آهن، ان کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آهن، افغانستان ۾ جامع حڪومت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ قيام امن جامع حڪومت جي قيام سان ئي ممڪن آهي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنب?? جي صدارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۾ پاڪستاني جڏهن ته تاجڪستا?? جي صدر امام علي رحمانوف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاڪستان جڏهن ته صدر امام علي رحمانوف تاجڪسات?? جي طرفان مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ۽ دستاويز?? جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي تعاون ۽ ٻٽي ٽيڪسن کان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگرد?? جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل انٽيلي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ تعاو?? جي فروغ لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پاڪستا?? جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، م??تلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو.