ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پاڪستان جي سڀ کان ??هرين انٽريڪٽو سائنس سي??ٽر جو افتتاح ڪيو. ان ??وقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ تعليم سان گڏو??ڏ شاگردن کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ فزڪس جا عملي ورڪشاپس پڻ مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر چيو ته اسان ??نهنجي تڪ جي اسڪولن ۾ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ۽ جنهن شوق سان شاگردن ميلي ۾ شرڪت ڪئي اهو ڏسڻ وٽان ??و. هن چيو ته اسان کي جديد سائنسي علم ۽ رياضي ۾ شاگردن کي سهولتون ڏيڻيون پونديون ته جيئن اسان جي نئين نسل جديد دور جي گهرجن سان ??ڪ جهڙائي رکي سگهي. تقريب کي ميگنيفي سائنس سي??ٽر جي چيئرمين حسين دائود پڻ خطاب ڪيو. ان ??وقعي تي صدر پاران حوصلا افزائي تي سندس ٿورا به مڃيا. بعد ۾ ڊاڪٽر عارف علوي سائنس سي??ٽر جو دورو ڪيو ۽ تجربيگاهن جو پڻ معائنو ڪيو.