اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي شرڪت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ??ري پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ملڪ ۾ ورچوئل ايج??ڪي??ن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊيجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندي جنهن سان ڪارڪردگي ۾ به??ري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل تعاون تنظيم (ڊي سي او) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل ويمه اليحييٰ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آءِ ٽي وارو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت پڻ ان موقعي تي موجود هو. صدر چيو ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ??ري پاڪستاني آءِ شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. صدر چيو ته عورتون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون، نوجوانن ک?? هنرمند بڻائڻ جو پروگرام ڊيجي اسڪلز هيستائين 10 لک نوجوانن کي تربيت ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ورچوئل ايج??ڪي??ن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. صدر ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ ڪارڪردگي ۾ به??ري ايندي. صدر عارف علوي چيو ته ڊي سي او ڊيجيٽل تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل تجربن مان سکڻ جي لاءِ بهترين پليٽ فارم آهي. ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ڊي سي او پاڪستان کي آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ دلڪش ملڪ طور پيش ڪن??ي، ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ڊيجيٽل تعاون تنظيم پاڪستان کي ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي ڪن??ڙ ملڪ طور اجاگر ڪن??ي ۽ عورتن ۽ نوجوانن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ??م ڪن??ي رهندي. هن چيو ته ڊي سي او عورتن ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڳولڻ بدران نوڪريون پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ??وششون ڪن??ي.