اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خل??ف قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخيرن ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، مخدوم خسرو بخ??يا??، سيد فخر امام، ??اڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين کانسواءِ سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم جي گذريل هفتي ذخيره اندوزي جي خل??ف قدمن جي هدايتن کانپوءِ ڀاڻ جي في ٻوري جي وڪري جي قيمت ۾ سراسري 400 رپين جي گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ڀاڻ جي سپلائي کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ آن لائين پورٽل ٺاهيو ويو آهي جنهن سان صوبا ۽ سم??ري ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي چرپر ۽ اسٽاڪ کي مانيٽر ڪري سگهن ٿا. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته 13 نومبر کان هيستائين ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. ان ۾ 347 ايف آءِ آر، 244 گرفتاريون، 21111 انسپيڪشنز، 480 گودام سيل ۽ 2.79 ڪروڙ جا ڏنڊ هنيا ويا آهن. ان کانسواءِ هر ضلعي ۾ ڪنٽرول روم ٺاهيا ويا آهن جتي ڀاڻ جي گهٽتائي، ذخيره اندوزي ۽ منافعي بابت شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون. صوبن جي وچ ۾ سرحدن تي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري جي خلاف لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ اطلاع فر??هم ڪندڙن کي ضبط ٿيل مال جي حساب سان انعام ڏنو ويندو. وزيراعظم ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خل??ف قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.