اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پشاور بي آر ٽي کي عالمي سطح تي بهترين پائيدار ٽرانسپورٽ ايوارڊ جي لاءِ شامل ٿيڻ جو سهر?? خيبرپختونخوا حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت کي خاص ڪريڊٽ ڏيڻ چا??يان ٿو جنهن جي خصوصي محنت جي ڪري پشاور بي آر ٽي کي عالمي سطح تي بهترين پائيدار ٽرانسپورٽ ايوارڊ جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. مملڪتي وزير چ??و ته پشاور بي آر ٽي هڪ جديد نظام جي ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ بهترين سهولتون فراهم ڪيون آهن.