اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو ??يم??ي اثاثو آهن، حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل ??ڪائونٽ جي ذريعي آسانيون پيدا ڪيون آهن، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل ??و قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمنڊ پار پاڪستانين جي معاملن واري صلاحڪار ايوب آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ق??من ۽ چونڊن ۾ راءِ جو حق ملڻ تي حڪومت جي پذيرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم خصوصي صلاحڪار کي سمنڊ پار پاڪستانين ۽ سفارتخانن جي وچ ۾ رابطا وڌائي مسئلن جي حل جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏي?? جي به هدايت ڪئي.