هري پور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هلندڙ سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيو آهي، وڌندڙ آبادي لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏئي روانگي واپار به وڌائي سگهجي ??و ۽ روزگار جا موقعا به پيدا ڪري سگهجن ٿا، ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت پرويز خٽڪ جي دور ۾ زبرست ڪم ڪيو. اسپيشل ٽيڪنالاجي زون جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو زبردست منصوبو آهي جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخوا ۾ صوبائي حڪومت پرويز خٽڪ جي ??زارت اعليٰ جي دور ۾ شروع ڪيو هو، اهو ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جو منصوبو هو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت هيلٿ ڪارڊ به جاري ڪيو هو، وسيلا نه هجڻ جي با??جو?? سمورن شهرين کي هليٿ انشورنس جي ??راهمي تمام وڏو قدم آهي، اسان جي صوبائي حڪومت مقامي حڪومتن جي ??ظام، ماحوليات ۽ سياحت تي به ڀرپور ڌيان ڏنو آهي،. وزيراعظم چيو ته هري پور ۾ يونيورسٽي جي ??يام لاءِ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ٻاهرين ملڪ وڃي ڪوششون ڪيون، ان سان ايندڙ نسلا مستفيد ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪ تعليمي ادارن ۽ تعليم جي اعليٰ معيار سان ٺهندا آهن، يونيورسٽين مان ملڪ جي ??ختلف شعبن لاءِ قيادت ميسر ايندي آهي، يورپ پنهنجي بهترين تعليمي ادارن جي ڪري ترقي ڪئي، ماضي جي حڪومتن تعليم جي شعبي ۾ ڪم ناهي ڪيو، ٽن طرح جو تعليمي نظام هلي رهيو هو، قوم هڪ نظريي سان ??جو?? ۾ ايندي آهي، اسان پنجين تائين هڪجهڙو نصاب متعارف ڪرايو آهي. وزيراعظم چيو ته مستقبل ٽيڪنالاجي جو آهي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زون پورو ايڪو سسٽم آهي، ان سان اسان جي ??عاشري تي بهترين اثر پوندا. پاڪستان جي و??ي آبادي ن??جو??نن تي مشتمل آهي، ن??جو??نن جي تعداد جي ??حاظ کان پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي ان لاءِ اسان تعليم ۾ جيتري و??يڪ سيڙپڪاري ڪنداسين ايترو ئي اسان جي ??لڪ لاءِ فائديمند آهي، تعليمي ادارن ۾ ن??جو??نن جيڪي ڪجهه پڙهي ايندا آهن اهو مارڪيٽ جي ضرورت سان هم آهنگ نه آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي ان سان ن??جو??نن کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا ڇو ته اسان کي ن??جو??نن جي و??ندڙ تعداد کي روزگار فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، ان ۾ وڌيڪ اضافي جي اميد آهي، ان شعبي ۾ بي پناهه موقعا م??جو?? آهن، آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ سان روانگي واپار به وڌندو ۽ روزگار جا موقعا به. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي حڪومت کي ان منصوبي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته هن سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيو جيئن جيئن روينيو وڌندو تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ خرچ ڪنداسين، ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو ??زي?? محمود خان، صوبائي ??زي?? عاطف خان، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ ٻيا به م??جو?? هئا، ان کان اڳ وزيراعظم اسپيشل ٽيڪنالاجي زون جو سنگ بنياد رکيو.