اسلام آباد – 09 R11; مارچ (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري جي سمورن طبقن کي ان سلسلي ۾ پن??نج?? ڪردار ا??ا ڪرڻ جي ضرورت آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي وڪالت ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۽ پيشن ۾ پن??نج?? صلاحيتن کي مڃرائي رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪامياب مقام حاصل ڪيو آهي، عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پن??نج?? حصو وجهي رهيون آهن. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت عورتن کي ترقي جا ب??ابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، هن پن??نج?? گهرن تي ئي ٻارن ۾ عورتن جي احترام جي قدرن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن هڪ مهذب معاشري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي.