اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ ڪنهن به شعبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي نيو?? ڪمپليڪس جو دورو ڪيو. هن پاڪستان نيوي وومين ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نمائش ۽ فيملي فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي. بيگم ثمينه عارف علوي نمائش جو افتتاح ڪ??و. نمائش ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي. هن نمائش ۾ رکيل آرٽ ۽ دستڪاري کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ ڪنهن به شعبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿيون. نمائش ۾ غيرملڪي عورتن پڻ شرڪت ڪئي.