اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??وام امانت جي طور تي ووٽ سياسي پارٽين جي نمائندن کي ڏيندي آ??ي، ان ۾ خيانت نٿي ٿي سگ??ي، پاڪستان جي قانون جي اندر ضمير فروش، ڀڳوڙن جو سدائين لاءِ رستو بند ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??دارتي ريفرنس اعليٰ عدليه جي سامهون آ??ي، عوام ان ??وا?? جو جواب چاهي ٿي، جنهن ملڪ لُٽيو هجي، ڪيسز ثابت ٿين، معاشرو ان جي خلاف وڙهندو آ??ي، هتي پاپڙ وارن، فالودي وارن ۽ مقصود پٽيوالي جهڙن ڪردارن جي ذريعي اربين روپين جي منتقلي ٿيندي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ??جيب تماشو آهي جنهن وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع آهي ان جي خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس نه آ??ي، جيڪي بي اعتمادي رٿ آڻي رهيا آهن اهي سڀ ڪرپٽ آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪو غير آئيني ڪم ناهي ڪيو، مخالف ڌر جو روئڻ پٽڻ باقي رهجي ويو آ??ي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ نمبر پورا هجن ته ڇو ٽانگين ڪانپ رهيون آهن، پهرين جلسن تي پابندي لاءِ عدليا وٽ ويا، ان تي ڪجهه نه ٺهيو ته پنهنجو مارچ 24 کان 28 تي کڻي هليا ويا آهن، مخالف ڌر ج?? جلسي ۾ڪو به اچڻ وارو نه آ??ي، 27 مارچ تي پي ٽي آءِ ج?? جلسي ۾ عوامي سمنڊ هوندو، ساڍا ٽن سالن کان اتحاد قائم، اڄ به اتحادي ڪابينا ??و حصو آهن، رابطا آهن، پهرين وانگر هاڻي به اتحادي گڏ آهن، مخالف ڌر صرف بوکلاٽ جو شڪار آ??ي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??سان بي اعتمادي خلاف نه آهيون، ڇا پاڪستان جي جمهوريت اربن جي مار آ??ي، نوٽن جون ٻوريون آڻيو ۽ ووٽ خريد ڪري وٺو، ضمير جاڳڻ جو سبب نوٽن جي چمڪ آ??ي، هارس ٽريڊنگ جي بنياد تي عدم اعتماد ناهي هوندي، عمران خان کان وڌيڪ مقابلو ڪير به نٿو ڄاڻي، آخري بال تائين کيڏندو، استعيفا جو ??وا?? ئي پيدا نٿو ٿي، اين آر او ٽولي کي ڪجهه ناهي ملڻ وارو، فتح، حق ۽ سچ جي ٿيندي، پي ٽي آءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جلسا ڪري رهي آ??ي، هڪ ڏينهن جي نوٽيس ۾ جلسا ڪرڻا وڏي ڳالهه هوندي آ??ي، عوامي راءِ سامهون اچڻ ضروري آ??ي، هر سياسي پارٽي جمهوري حق استعمال ڪري سگهي ٿي.