اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيسلي جي هيڊ آف ڪارپوريٽ افيئرز وقار احمد ۽ جنرل مينيجر عبدالله جاويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ نيسلي پاڪستان افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي امدادي شيون پهچائڻ جي قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نيسلي واٽر پا??ان حڪومت پاڪستان جي ان بهترين قدم ۾ پنهنجو حصو ملائيندي 60 هزار ليٽر پيئڻ جو پاڻي افغانستان ۾ تازي ٻوڏ متاثرين لاءِ عطيو ڪيو ويو، عطيه ٿيل پيئڻ جو صاف پاڻي ٻوڏ متاثرين کي موذي بيم??ري?? کان ??چا??ُ ۾ مدد فراهم ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف نيسلي پا??ان ان فلاحي ڪم کي قابل تحسين قرار ڏنو.