اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿو، پنهنجي ڏوهاري کي سڃاڻي ٿي، معاشي تباهي جو چهرو صرف عمران خان آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي دور ۾ سدائين مهانگائي ۽ ڪرپشن ختم ٿي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين عوام کي رليف ڏنو آهي، عمران خان جي معاشي ڏوهه جي سزا پاڪستان جي عوام کي نٿا ڏيڻ چ??هي??ن. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيٽرول جي قيمت وڌائڻ آسان آهي، پر اسان عوام کي وڌيڪ تڪليف کان بچائڻ چ??هي??ن ٿا. عوام وڌيڪ غريب نه ٿئي. ان تي وڌيڪ بار نه پوي، ان لاءِ پيٽرول جي قيمت نه وڌائي رهيا آ??يو??. هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي معاشي ڏوهه جو بار کڻڻ ۽ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مهانگائي وڌائڻ مسلم ليگ ن جي لاءِ ان جي منشور جي خلاف آهي، مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، مهانگائي گهٽ ڪئي، هن چيو ته مهانگي اٽي، مهانگي گئس، مهانگي بجلي، مهاگين دوائن جو حساب عمران خان کي ڏيڻو پوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دورن ۾ معاشي، اقتصادي ۽ شين جي قيمتن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته نواز شريف جي دور ۾ ڊالر 116 رو??يا هو جنهن کي عمران خان 189 رو??ين تائين پهچائي ڇڏيو، هن چيو ته 1947ع کان 2018ع تائين سڀني حڪومتن گڏجي 71 سالن ۾ 24953 ارب رو??يا قرض حاصل ڪيو ان جي ابتڙ عمران خان صرف ساڍا ٽن سالن۾ قرض کي 42745 ارب رو??ين تائين وڌائي ڇڏيو. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف قومي ترقي جي شرح 6.1 سيڪڙو تي پهچائي، عمران خان پهرين ان کي منفي ۾ پهچايو ۽ هاڻي 4 سيڪڙو متوقع آهي، هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي 3.9 سيڪڙو هئي، عمران خان ان کي 13 سيڪڙو تائين پهچايو، نواز شريف جي دور ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 700 رو??ين جو هو جيڪو عمران خان جي دور ۾ 11 سئو رو??ين جو ٿيو، نواز شريف جي دور ۾ کنڊ 52 رو??يا في ڪلو هئي جيڪا عمران خان جي دور ۾ 120 رو??يا في ڪلو ٿي، نواز شريف جي دور ۾ گيهه 151 رو??يا ڪلو هو عمران خان جي دور ۾ 470 رو??يا ڪلو ٿي ويو. نوازشريف جي دور ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت 11 رو??يا هئي جيڪا عمران خان جي دور ۾ 24 رو??يا ٿي وئي، نواز شريف جي دور ۾ گئس جي قيمت 600 رو??يا ايم ايم بي ٽي يو هئي جيڪا عمران خان جي دور ۾ 1400 رو??يا ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي. اهڙي طرح نواز شريف جي دور ۾ ڀاڻ جي ٻوري جي قيمت 1380 رو??يا هئي جيڪا عمران خان جي دور ۾ 3 هزار رو??ين تائين وڪرو ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مالي خسارو 2260 ارب رو??يا هو جيڪو عمران خان 5600 ارب رو??ين تائين پهچائي ڇڏيو. جڏهن ته واپاري خساري مسلم ليگ(ن) جي دور ۾ 30.9 ارب ڊالر هو جيڪو عمران خان جي دور ۾43 ارب ڊالر تائين پهچي ويو،هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ جي ڊي پي جي حساب سان ٽيڪس 11.1 سيڪڙو هو، يعني ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ٿيو، عمران خان جي دور ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس گهٽ ٿي ڪري 9.2 سيڪڙو تي اچي ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بيروزگارن جو تعداد گهٽجي 35 لک رهجي ويو هو، جڏهن ته عمران خان جي دور ۾ 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا ۽ ڪل تعداد 95 لک ٿي ويو، هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 117 نمبر تي اچي ويو، عمران خان جي دور ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽٽا، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 23 پوائنٽس مٿي ٿي ويو، هن چيو ته عمران خان ٻڌائي؟ پاڪستان ۾ ڪرپشن ڇو وڌي، 117 کان پاڪستان 140 نمبر تي ڇو ويو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن نه پر ملڪ ۾ صرف انتشار چاهي ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ قومي سياسي، عوامي پارٽيون آهن. انهن جي مشاورت سان چونڊن جو فيصلو ٿيندو، عمران خان ۽ ان جا حواري پاڪستان ۾ هڪ ماڻهو، هڪ پارٽي ۽ هڪ سوچ جي حڪمراني چ??هي?? ٿا، ائين نه ٿيندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ پارٽي جي حڪمراني جو مطلب فسطائيت ۽ آمريت هوندو آهي. اهو بيان انهي منفي غير جمهوري سوچ جو اظهار آهي.