ڪراچي – 20 – مئي (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي شپ يارڊ ۾ ملجم ڪلاس جهاز پي اين ايس بدر لا??چ ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ خصوصي ت??ري?? جو انعقاد ڪيو ويو. ت??ري?? ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي. ترڪي جو دفاع وارو وزير هولوسي آقار، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻين اهم شخصيتن به ت??ري?? ۾ شرڪت ڪئي. جهاز ترڪي جي ايم ايس سفات جي تعاون سان ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ ترڪي جي معاهدي جي تحت ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعمير ڪئي وئي آهي، ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعمير پاڪستان ۽ ٻن جي تعمير ترڪي ۾ ڪئي پئي وڃي، ان طرز جي پهرين بحري جاز ج?? لانچنگ گذريل سال آگسٽ ۾ ترڪي ۾ ٿي هئي، ٻيا ٻه جهاز مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن ۽ اهي جديد هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هوندا. ت??ري?? ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ??ئي?? ملجم ڪلاس ڪارويٽ جهاز پي اين ايس بدر جو ماڊل وزيراعظم کي پيش ڪيو، ياد رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو هو.